ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سي پيڪ جي قرضن جي حوالي سان آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت م??اون پرڏيهي وزير ايلس ويلز جي بيان ته سي پيڪ قرضن جي ڪري پاڪستان جي ترقي محدود ٿي ويندي، حقيقت جي منافي آهي، هن وقت پرڏيهي قرض 74 ار?? ڊالر آهي جڏهن ته چين جو قرض 18 ار?? ڊالر آهي، چين جو مجموعي قرض پرڏيهي قرضن جي هڪ ڀاڱي ٽي کان به گهٽ آهن، چين کان ورتل قرض نه فقط وياج جي گهٽ شرح تي آهي پر ڊگهي مدي وارو به آهي، سي پيڪ جو قرض مجموعي قرض جو 7 سيڪڙو آهي، سي پيڪ تحت ملڪ ۾ 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺهندا، جنهن سان لکين ماڻهن کي روزگار ملندو، وزيراعظم عمران خان جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هن پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان جي مفادن کي مٿانهون رکيو آهي، چين سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سي پيڪ کي وڌيڪ اڳتي وٺي هلڻو آهي، آمريڪا سوڌو د??يا جو ڪو به ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته اسين ان جي آجيان ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت م??اون پرڏيهي وزير ايلس ويلز پاران سي پيڪ بابت بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو.