اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زراعت جي شعبي ۾ پاڻي ج?? ڪارائتي ۽ بهتر استعمال جي ضرورت تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان فصلن جي پيداوار وڌائڻ ۽ زرعي مصنوعات جي ويليو ايڊيشن جي لاءِ چين جي مهارت ۽ تجر??ي مان فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا تاريخي ۽ مفادن کان مٿانهون آهن، سي پيڪ پاڪستان جي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هو پاڪستان چائنا ايگريڪلچرل فورم 2019ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.