اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيا ۽ پاڪستان جي لاڳاپ?? کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان برطانوي پ??رل??امينٽ جي مٿئين ايوان (هائوس آف لارڊز) جي ميمبر لارڊ عامر سرفراز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ وا??ار، سيڙپڪاري، تر??ياتي منصوبابندي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم برطانيا خاص طور تي برطانوي سياسي نظام ۾ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي خدمت کي ساراهيو. هن چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيا ۽ پاڪستان جي لاڳاپ?? کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار اد اڪري رهيا آهن. لارڊ عامر سرفراز انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي سياسي قيادت ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.