اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 13 اتحادي پارٽين گڏجي ڪاميابي سان حڪومت ڪئي، حڪومت ڇڏي رهيا آهيون، ڪارڪردگي کان مطمئ?? آهيان، ايس آئي ايف سي معاشي بحالي جي حڪمت عملي آهي، ايندڙ حڪومت کي نيڪ نيتي سان ان تي عمل ڪرڻو پوندو. پي ٽي وي ورلڊ کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته ??ڏهن حڪومت سنڀالي ته ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، اهڙا چئلينجز ماضي ۾ ڪڏهن به سامهون نه رهيا، مهانگائي، معاشي خراب حالت، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، روانگي واپار، ٻاهرئين ملڪن سان لاڳاپن جهڙا گهڻ رخا چئلينجز درپيش هئا، انهن مسئلن جي گهرائي کي سمجهڻ ۽ پوءِ انهن کي حل ڪرڻ وڏو چئلينج هو. هن چيو ته 13 پارٽين اتحادي حڪومت سان گڏجي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون مون کي انهن پارٽين چونڊيو ۽ اهم ذميواري ڏني. مشل صورتحال ۾ اتحادي پارٽين کي عزت ۽ احترام ڏنو ۽ ڪاميابي سان حڪومت هلائي. هن چيو ته ??اوم جي خدمت تي يقين رکون ٿا. اهو اطمينان جوڳو آهي ته ??ورتحال ۾ تيزي سان بهتري آئي آهي. هن چيو ته منصوبابندي ۽ ويزن سان گڏوگڏ ان تي جيئن جو تيئن عملدرآمد ڪرڻ اهميت رکندڙ آهي. ڀرپور م??نت سان ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، ان جو بهترين مثال آءِ ايم ايف سان معاهدو آهي، اسان همت نه هاري. هن چيو ته ??ڪومت ڇڏي رهيا آهيون، ڪارڪردگي کان مطمئ?? آهيون، ايس آئي ايف سي معاشي بحالي جو منصوبو آهي جيڪڏهن اسان ان تي هول آف دي گورنمينٽ جي سوچ سان عمل ڪيو جنهن ۾ حڪومت، پاڪ فوج، بيوروڪريسي ۽ ماهر شامل هجن، ان جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون ويون ته ??لد ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندي، ان جي لاءِ ڀرپور م??نت ۽ قربانين جي ضرورت آهي، مون کي اميد آهي ته ??ئين ئي ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ??سان امن چاهيون ٿا، ڀارت سان تڪرار حل ڪري اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا پر جيڪڏهن ڀارت مثبت ردعمل جو مظاهرو نه ٿو ڪري ته ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي، تاريخ فيصلو ڪندي ته ڪير حق تي بيٺل آهي.