اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال دوران پيٽروليم شين جي آمدني واپار 6118.3 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ خام تيل جي آمدني واپار 5858.4 هزار ميٽرڪ ٽن رهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي 23-2022ع مطابق هلندڙ مالي سال دوران جولاءِ 2022ع کان مارچ 2023ع تائين پيٽروليم شين جي طلب 13.01 ملين ٽن رهي. ان عرصي دوران 6118.3 هزار ميٽرڪ ٽن پيٽروليم شين ?? 5858.4 هزار ميٽرڪ ٽن خام تيل گُهرايو ويو. ان کان علاوه جولاءِ 2022ع کان مارچ 2023ع دورا?? گيس جو مجموعي استعمال 2627 ايم ايم سي ا??ف ڊي ۽ آر ايل اين جي جو استعمال 631 ايم ايم سي ا??ف ڊي رهيو. هلندڙ مالي سال دوران ڪوئلي جي کپت 15.42 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو.