اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيھ جي ??در رجب طيب اردوان ۽ سندس گهر واري وچ ۾ خوشگوار انداز ۾ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ پاڪستاني انبن جي به تعريف ڪئي وئي. ??در اردوان جي حلف برداري واري تقريب کان پوءِ روانگي جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ ??در ۽ ان جي گهر واري وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ترڪيھ جي ??در کي ٻڌايو ته هو هاڻي واپس روانو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيھ جي عوام کان به وڌيڪ توهان جو چونڊجن تي خوش آهي. وزيراعظم شهباز شريف حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي ??عو?? تي ??در اردوان جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اوهان جي ??عو?? ڏيڻ جي مهرباني جو توهان پنهنجي خوشين ۾ اسان کي شريڪ ڪيو. وزيراعظم ??در اردوان کي ٻڌايو ته اسان توهان سڀني خاندان وارن کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته هو ??در اردوان لاءِ انبن جو تحفو ??ڻي آيو آهي، جنهن مان اڌ پنهنجي ڀاءُ ۽ اڌ پنهنجي ڀيڻ لاءِ آهن. وزيراعظم جي ڳالهه تي ??در اردوان ۽ ان جي گهر واري ڏاڍو خ??ش ٿيا مسڪرائيندي ٿورو مڃيو ۽ مسڪرائيندي جواب ڏنو ته کين علم آه?? ته پاڪستان جا انب تمام گهڻا لذيذ ۽ مٺا ٿيندا آهن، بيگم اردوان به وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. ??در اردوان تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ نيڪ تمنائن جي اظهار تي وزيراعظم شهباز شريف جو خاص ٿورو مڃيو ۽ چيو ته توهان جي مهرباني جو ??عو?? ۾ شريڪ ٿيا.