اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پورهيتن جي حقن کي پورو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي نظام ۾ حصيدار بڻائڻ عالمي معيشت جي لاءِ هڪ بنيادي چئ??ين?? آهي. پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جتي اسان پورهيت طبقي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ انهن جي حصيداري جو جشن ملهايون ٿا ته اتي حقيقت اها آه?? ته عالمي منڊين ۾ لا??ن چارهن پورهيتن جي معاشي مشڪلاتن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري پورهيت ماڻهو پاڻ کي شديد دٻاءُ ۾ محسوس ڪن ٿا. هن چيو ته ترقي جي هي عمارت جيڪا محنت جي بنياد تي بيهاري آهي جيڪڏهن ان جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙن کي ان جي ثمرن کان محروم رکيو وڃ?? ته اها ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته پورهيتن جي حقن کي پورو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي نظام ۾ حصيدار بڻائڻ عالمي معيشت جي لاءِ هڪ بنيادي چئ??ين?? آهي.