اسلام آباد – 27 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڊنمارڪ ۾ قران پا?? جي بي حرمتي جي هڪ مڪروه فعل جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته اهڙي ڄاڻي واڻي گهٽيا حرڪت مسلمانن ۽ انهن جي عقيدي خلاف وڌندڙ نفرت، نسل پرستي ۽ فوبيا جو هڪ پريشان ڪندڙ مظهر آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان مطا??ق اهڙي ري?? جي سوچيل سمجهيل ڪارروائين جو بار بار ٿيل قانوني فريم ور?? جي افاديت تي سواليه نشان آهي جنهن جي پٺيان اسلامو فوبيا ۾ ملوث ماڻهو لڪيل منافقت کي هوا ڏين ٿا، بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اظهار جي آزادي جي حق کي ڪنهن به مذهب جي مقدس ڪتابن يا شخصيتن جي ڄاڻي واڻي توهين ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته اسان سمورن رياستن کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو انساني حقن جي ع??لمي قانون ۾ داخل ذميوارين ۽ فرضن مطا??ق اهڙين ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قانوني رڪاوٽون پيدا ڪري. بيان ۾ چيو ويو ته اسان انساني حقن جي ع??لمي مشينري کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو اهڙن قدمن خلاف آواز اٿارين جيڪي صرف عقيدي ??ي بنياد تي مسلمانن خلاف نفرت، اڻبرابري واري سلوڪ ۽ تشدد کي هوا ڏين ٿا.