اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي اگهه تي پيٽرول جي فراهمي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان ??لمبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان ??سڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان ??چائڻ جي ل??ءِ قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان ??باسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رمضان ??وران مفت اٽي جي فراهمي ڪئي ويندي جنهن جي ل??ءِ پروگرام حتمي مرحلن ۾ آهي، ان ??سڪيم سان ??سلام آباد جي اٽڪل ڏيڍ لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو. اجلاس کي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن جي ل??ءِ رعايتي اگهه تي پيٽرول تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ان ??والي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم ??روگرام کي حتمي شڪل ڏئي جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارا معاشي طور تي ڪمزور طبقي سان ??علق رکن ٿا ۽ حڪومت انهن کي مهانگائي کان ??چائڻ جي ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ رمضان ??وران ??ريب ۽ وچولي طبقي کي مفت اٽي جي فراهمي جو فيصلو ڪيو آهي، اسڪيم تحت اسلام آباد جي 10 لک ماڻهن کي رمضان ??لمبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان ??سڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته رمضان ??لمبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته مفت اٽي جي ورڇ کي شفاف بڻائڻ جي ل??ءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي مهانگائي جي اثرن کان ??چائڻ جو پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، پروگرام تحت موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي سستي پيٽرول جي فراهمي يقي??ي بڻائي ويندي.