اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۾ فيبروري ۾ آيل زلزلي ??ان ٿيندڙ تباهي جو تازي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، هن مشڪل وقت ۾ ترڪيه جي ڀينرن ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، حڪومت صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائولنس جي چيئرمين فاتح ڪمال جي صدارت ۾ ترڪيه ??ان تعلق رکندڙ صنعتڪارن جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير مهمت پاچاجي پڻ موجود هو. وفد ??ان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۾ فيبروري جي زلزلي ??ان ٿيندڙ تباهي جو مثال تازي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. هن چيو ته ان تباهي تي ا??ان کي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان زلزلي ??ان ٿيندڙ تباهي جي حوالي ??ان ترجيحي بنيادن تي ريسڪيو، ريليف ۽ ميڊيڪل جون ٽيمون ترڪيءَ روانيون ڪيون ۽ امدادي سامان موڪلڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا. هن چيو ته ترڪيه به پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي. وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعت، توانائي، مواصلات ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن ۽ حڪومت سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڊائولينس جي پاڪستان ۾ قائم ڪيل يونٽ ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي ته جيئن جديد ٽيڪنالاجي ??ان ليس ان جي ايفيشينٽ مصنوعات ت??ار ڪيون وڃن. ڊائولينس جي پاڪستان ۾ پروڊڪشن پلانٽ کي ريجنل ايڪسپورٽ حب بڻائڻ جي حوالي ??ان پڻ حڪمت عملي بڻائي پئي وڃي. وفد وڌيڪ ٻڌايو ته ڊائولينس ڪراچي کانپوءِ اسلام آباد جي نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ به ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪيو آهي، جيڪو اڪيڊميا ۽ انڊسٽري جي وچ ?? رابطو هوندو. هن سينٽر ??ان انجنيئرز کي ٽيڪنيڪي مدد ۽ ڪيپيسٽي بلڊنگ ۾ مد?? ملندي. وفد وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آرچ ليڪ (جيڪو ترڪيه جي هڪ هائوس هولڊ صنعت آهي) ترڪيه ۾ موجود پاڪستاني شاگردن کي مسلسل ٻن سالن کان انٽرن شپ فراهم ڪري رهي آهي، جنهن ??ان نه رڳو شاگردن کي انڊسٽري جي گهرجن کان هم آهنگ ڪرڻ ۾ مد?? ملي رهي آهي پر ڪيترائي پاڪستاني شاگرد ان ڪمپني ۾ ملازمت به حاصل ڪري چڪا آهن. وزيراعظم ڊائولينس کي درپيش سڀني آپريشنل مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم وفد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وفد جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو خاص معاون جهازيب خان ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.