اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ معيشت جي ٻين شعبن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ مهارت تي ٻڌل ۽ فني تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن?? اهڙن ٻارن کي ملڪ جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ ??نه?? جي فڪري ۽ جسماني واڌويجهه جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر اسلام آباد ۾ نيشنل اسڪلز يونيور??ٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر زور ڏنو ته نيشنل اسڪلز يونيور??ٽي کي مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ هنرمند ماڻهو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽين پاران شاگردن جي لاءِ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي روشني وڌي ته جيئن ??نه?? کي مناسب پيشن جي چونڊ ۾ مدد ملي سگهي. هن نيشنل اسڪلز يونيور??ٽي انتظاميا کي چيو ته گريجوئيٽس جي معيار ۽ مهارت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي فني تعليمي ادارن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. نيشنل اسڪلز يونيور??ٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار اجلاس کي ملڪ ۾ هنر تي ٻڌل تعليم جي فروغ ۾ يونيور??ٽي جي ڪردار بابت ٻڌايو. نيشنل اسڪلز يونيور??ٽي جي سينيٽ پاران وائيس چانسلر جي فيصلن جي توثيق ڪرڻ کانسواءِ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي پڻ توثيق ڪئي. اجلاس ۾ مريدڪي ش??خوپوره ۾ نيشنل اسڪلز يونيور??ٽي جي سب ڪئمپس جي قيام جي پڻ منظوري ڏني وئي.