اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي حل تائين ??اڪستاني قوم سک سان نه ويهندي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اڻٿڪ حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان هڪ خصوصي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزي??اع??م ڪشمير سان يڪجهتي جي تيارين جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاق?? وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪسمير جي حڪومتن جي نمائندن ڪشمير سان يڪجهي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان وزي??اع??م کي بريفنگز ڏنيون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪند?? وزي??اع??م چيو ته ڀارت گذريل 75 سالن کان ڄمون ۽ ڪشمير تي غي??قانوني قبضو ڪري رکيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن کانپوءِ ڪشميرين کي ڀت سان لڳايو ويو ۽ تازن ڏينهن ۾ ڀارت جي ڪشميرين تي ظلمن ۾ وڌيڪ تيزي آئي آهي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اڻٿڪ حمايت جاري رکندو. وزي??اع??م چيو ته ڪشميرين جو آواز پوري دنيا ۾ پهچايو ويندو، ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي حل تائين ??اڪستاني قوم سان سک نه ويهندي. وزي??اع??م هن سال ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي کي موثر انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاق?? وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن جي نمائندن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان بريفنگز ڏنيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ ريليون، واڪ، تصويري نمائشون، تقريرن مقابلا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. اجلاس ۾ ريلوي ۽ هوابازي واري وفاق?? وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب، مواصلات واري وفاق?? وزير مولانا اسعد محمود، تعليم واري وفاق?? وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي امين الحق، وزي??اع??م جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، وزي??اع??م جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.