اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ جي تباهيون تڪليف ڏيندڙ آهن، متاثرين جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي ٻوڏ م??اثرين جي بحالي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪستان وسيلن سان مالامال ۽ جاگرافيائي لحاظ کان اهميت رکندڙ ملڪ آهي، گڏيل ڪوششن ۽ جذبي سان متاثرين جي خدمت جي قابل ٿياسين، ڏکويل انسانيت جي خدمت جي لاءِ سمورا وسيلا اس??عمال آندا ويا، هٿياربند فوج، اين ڊي ايم اي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪموتن متاثرين جي لاءِ گڏجي ڪ?? ڪيو. نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي آفيسرن جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته ٻوڏ م??اثر ماڻهن جي خدمت ڪندڙن سان ملاقات فخر جوڳي ڳالهه آهي، ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال جي سربراهي ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، احسن اقبال جي قيادت ۾ توهان سڀني ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت جي لاءِ توهان سمورا وسيلا اس??عمال ۾ آندا، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان لکين گهر تباهه ٿيا، 1700 جانيون ضايع ٿيون، بيٺل فصل برباد ٿيا، رستن ۽ ريلوي جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿ??و، ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو هو، ڪيترن ئي ڳوٺن تائين پهچ ممڪن نه هئي جڏهن ته جهڙي طرح گڏيل ڪوشش سان پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، صوبائي ايجنسين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن گڏجي هڪ جان ٻه دل ٿي ڏينهن رات محنت ڪئي آهي ان جو اجر دنيا ۽ آخر ٻنهي ۾ ملندو، ان ڪارڪردگي کي ساراهيون ٿا، ٻوڏ جي وڏي پئماني تي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جيڪو شاندار ڪم ڪ??و، ان تي اين ايف آر سي سي مبارڪباد جي مستحق آهي. وزيراعظم چ??و ته ڏکويل انسانيت جي خدمت لاءِ سمورا وسيلا اس??عمال ۾ آندا ويا، اين ڊي ايم اي چيئرمين جنرل اختر نواز وڏي محنت سان ڪم ڪ??و، احسن اقبال، شازيه مري، سردار اياز صادق، ناڻي واري وفاقي وزير سميت ٻين سياسي محاذ تي ڀرپور ڪم ڪيو. هن چ??و ته جيڪو ماڊل هتي پيش ڪيو ويو آهي ان تي بنا وقت ضايع ڪرڻ جي ڪ?? شروع ڪيو وڃي، اندرون سنڌ گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ۽ سيوريج لائينون وڇائڻ جي تجويز مناسب آهي، ان حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير سان ڳالهه ڪندس، اس??ن کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار رکڻو پوندو. هن اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيندي چ??و ته هن نه رڳو پاڪستان پر ٻاهرئين ملڪ به ڳڻتي جوڳي لمحن ۾ بهترين ڪوششون ڪيون ۽ اهڙيون وڊيوز دنيا اڏو پيش ڪيون جن انهن کي جهنجهوڙي ڇڏيو. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، رڳو ريڪوڊڪ جي ذخيرن مان اربين ڊالر حاصل ڪري سگهجن ٿا جڏهن ته ڪيترائي سال گذرڻ جي باوجود اس??ن هتان سون ۽ ٽامي جا ذخيرا ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهياسين، اهڙي طرح قومون ناهن ٺهنديون، اهڙي طرح اس??ن پنهنجي معاشري کي بااختيار نه ٿا بڻائي سگهون، اس??ن کي قرآن ڪريم جي تعليم موجب پنهنجي منزل جو تعين ڪرڻو پوندو، نبي ڪريم ﷺ جي تعليم ۽ قائداعظم جي ويزن موجب هلي ئي اس??ن ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چ??و ته گڏيل ڪوششن ۽ جذبي سان اهم متاثرين جي مدد ۾ ڪامياب ٿياسين، اڳتي به انهي جذبي سان اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ۽ جاگرافيائي لحاظ سان اهم ملڪ آهي، ٻوڏ تباهين تي ڏک آهي، متاثرين جي بحالي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا اس??عمال ۾ آڻينداسين. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چ??و ته پاڪستان بدترين ٻوڏ ڏٺي جيڪا جديد تاريخ م موسمياتي تبديلي جي ڪري سڀ کان وڏي قدرتي آفت هئي جنهن جي شدت ايتري وڌيڪ هئي جو پاڪستان اڪيلو ان جو مقابلو نه پئي ڪري سگه??و، وزيراعظم ڪوآرڊينيشن سينٽر جي چيئرمين جي حيثيت سان ڀرپور رهنمائي ڪئي ۽ متاثر علائقن ۾ جڳهه جڳهه و??و، ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ شامل سمورا ادارا گڏجي منصوبابندي ڪ??دا هئا، انتظاميا سان گڏجي قدم کنيا ويندا هئا. هن چ??و ته انهن يسڀني جي محنت سان تمام وڏي امڪاني تباهي جو خطرو ٽري و??و، ٻوڏ کانپوءِ بيماري سان هزارين فوتگين جو خدشو هو جڏهن ته بهترين حڪمت عملي سان ان تي ضابطو آندو و??و، هڪ ٺوس ڪوشش سان ان صورتحال کان محفوظ رهياسين، ٻوڏ دوران سمورن ادارن گڏجي ڪ?? ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو.