اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۽ ٻين علائقن ۾ دهشت??رد?? جي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشت??رد?? ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي سان منهن ڏينداسين، دهشت??رد?? جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي. وزراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جهڪندي، دهشت??رد?? کي آئين ۽ قانون موجب منهن ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت دهشت??رد?? جي ٻاهرئين سهولتڪاري ۽ پناهگاهن جو ??ات??و به ڪندي، پوري قوم دلير فوج سان گڏ دهشت??رد?? جو ??ات??و ڪري رهندي. وزراعظم دهشت??رد?? جي خلاف ڪم ڪندڙ فورسز جي جذبي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ۽ علاج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، رد الفساد ۽ ضرب عضب دهشت??رد?? جي ??ات??ي لاءِ اهم قدم هئا. هٿياربند فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جون عظيم قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. امن امان جي بنيادي ذميواري صوبن جي آهي پر وفاق ان سنگين مسئلن تي اکيون بند نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته دهشت??رد?? جي مقابلي لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. دهشت??رد?? جي ??ات??ي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرائينداسين. صوبائي حڪومت جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافو دهشت??رد?? جي ??ات??ي ۾ اهم آهي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن ۾ دهشت??رد?? جي ??ات??ي واري فورس ۽ ڊپارٽمينٽ جي پيشوراڻي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو. خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي نئين سر جوڙجڪ تي ڪم ڪنداسين. پنهنجي فورسز جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جديد هٿيارن جي فراهمي ۽ پيشيواراڻي تربيت تي ڌيان ڏنو ويندو.