دادو – پهرين ڊسمبر (اي پي پي)بيلجيم جي اوورسيز ڪميونٽي بابت ??اڪ??تان جي صدر معظم خان سنڌ جي ضلعي دادو جي ٻوڏ م??اث??ن جو دورو ڪيو ۽ انهن ۾ راشن جا ٿيل??ا، خيما، مڇردانيون ۽ دوائون ورهايون. پنهنجي دوري دوران معظم خان مقام?? ۽ ??المي اين جي اوز کي درخواست ڪئي ته اهي ٻوڏ م??اث??ن جي هر ممڪن مدد ڪن. سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون صورتحال جو ازالو ڪنديون ۽ م??اث??ن جي نقصان جو ازالو ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته دادو جي ٻوڏ م??اث??ن ۾ 150 خيما، 150 راشن جا ٿيل??ا، 500 مڇردانيون ۽ دوائون ورهايون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ به 160 خيما ۽ هڪ هزار مڇردانيون ۽ 5 سئو راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن ان کانسواءِ مريضن لاءِ قائم ڪيل ميڊيڪل ڪيمپن ۾ اڍائي مريضن کي دوائون ڏيڻ سان گڏوگڏ مڇر مار اسپري ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي پڻ فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سياري جي مند اچڻ جي ڪري ٻوڏ م??اث??ن جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي رهيو آه?? ۽ ??ن تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي م??اث??ن جي بحالي جو ڪم تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان ذات، پات، مذهب ۽ ثقافت کان هٽي ڪري انسانيت جي خدمت تي يقين رکون ٿا. ان موقعي تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير لياقت جتوئي، واپار?? ۽ ??ماجي برادري سميت ٻيا پڻ موجود هئا.