اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ت?? پاڪستان ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي هميشه قائم آهي ۽ هڪ ??نچ به پوئتي نه هٽندو، قومون پنهنجي تهوار هميشه هڪ ??اص مقصد تحت ملهائينديون آهن ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ صديون ڪوشش ڪنديون آهن، ضروري ناهي ته فوري طور تي منزل ملي وڃي، ان لاءِ بيشمار قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، پاڪستان سان ڀارت جي مخالفت اها ئي آهي ته انهن ڪڏهن به پاڪستان جي وجود کي تسليم ناهي ڪيو، انهن جي دلين ۾ شروع کان ئي نفرت جي ب??هه ٻري رهي ??هي?? پوءِ اهو ڪرڪيٽ جو ميدان ئي ڇو نه هجي. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۾ ”ڪشمير ??ندوستان متوقع الحاق“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميرين جي موقف کي تسليم ڪيو ??هي?? جڏهن ته ڪڏهن به ان کي ڪشمير جو مسئلو ناهي سمجهيو، بلڪه پاڪستان جو مسئلو سمجهيو ??هي?? حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي، ڪير به اقتدار تي ويٺل هجي، ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف هميشه ساڳيو ئي رهيو ??هي?? ڀارت هميشه ظلم، ڏاڍ ۽ مختلف هٿ ڪنڊن سان ڪشمير جي جاگرافيائي حالتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اڄ به ڀارت جي اها پاليسي رهي آهي ته ڪشمير کي عالمي منظر تان هٽايو وڃي جنهن ڪري هو شهريت ۽ ڊوميسائيل جي قانونن ۾ تبديليون ڪري رهيو آهي. صحافي ارشد شريف بابت هڪ ??وال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان حڪومت سڀني معاملن تي گهري نظر رکي ??هي?? ان موقعي تي تقريب کي صدر ڪشمير ??وٿ الائنس طاهر مجاهد به خطاب ڪيو.