اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان حڪومت جي ??وڏ متاثرن ۽ متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ ??نگامي امدادي ڪمن ۾ مدد لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها گرانٽ آبادگارن جي فصلن کي نقصانن جي ازالي، بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير ۽ متاثرن جي آبادڪاري جي مد ۾ فراهم ڪئ?? ويندي. تفصيل مطابق ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان جي ??وڏ متاثرن لاءِ ??ڏي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي. ايشيا پيسفڪ ڊزاسٽر ريسپانس فنڊ کان مالي اعانت ٿيندڙ اها گرانٽ سڄي ملڪ ۾ ??وڏ متاثرن جي مدد لاءِ خوراڪ جي سامان، خيمن ۽ ٻين امدادي سامان جي فوري خريداري لاءِ ??نڊ فراهم ڪئ?? ويندي. اي ڊي بي اعلان مطابق ??وڏ سان متاثرعلائقن ۾ رليف لاءِ 30 لک ڊالرن جو فنڊ فراهم ڪيو ويندو، رقم سان ??وڏ سبب غريب ۽ مستحق ماڻهن سبب بيمار عورتن ۽ ٻارن جي مدد ڪئ?? ويندي. فنڊن مان آبادگارن جي فصلن جي نقصان جو ازالو، ٻيهر فصلن جي پوکيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ هوندو ۽ ??وڏ سبب تباهه ٿيل روڊن، پُلن، گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عمارتن جي نئين سر تعمير ۾ مدد ملندي. اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته اسان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ آهيون. اسان هن قدرتي آفت سبب تباهه ڪُن اثرن تي ضابطو آڻڻ ۽ متاثر ڪٽنبن جي فوري امداد فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ ٻين ترقياتي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ ??ُرعزم آهيون. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته اسان جي ٽيم ڊگهي مُدي واري بحاليءَ لاءِ ??اڪستان حڪومت ۽ اتان جي برادريءَ سان گڏجي ??وڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي.