گل??ت- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بل??ستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن پيڪيج جو اعلان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ??اڻ??ن لاءِ ڪيو ويو انهي پيڪيج تي گلگت بل??ستان ۾ به عمل ٿيندو ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سروي ??ڀ کان پهرين گلگت بل??ستان کان شروع ٿيندو. گلگت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر ٻوڏ سبب هن دنيا مان هليا ويا انهن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پرائم منسٽر پيڪيج تحت 10 لک روپين جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح زخمين لاءِ به پ??ڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ٻيو مرحلو ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، ان مد ۾ پي ڊي ايم اي کي ضروري سامان ڏئي ڇڏيو آهي، متاثرن کي عارضي رهائشگاهن يا مسواڙي گهرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي يا ڪيو ويندو، هن چيو ته ٽيون مرحلو متاثرن جي بحالي جو آهي، ان مرحلي ۾ متاثر علائقن جو تفصيلي سروي ٿيندو، ملڪ جي ٻين حصن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آهي، اتي هن وقت سروي ممڪن نه آهي ان لاءِ سروي پهرين گلگت بل??ستان کان شروع ٿيندو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم گلگت بل??ستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو.