اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شاگردن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان ??ي ترقي جي لاءِ پنهنجي ويزن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم سان ملڪي معيشت، آءِ ايم ايف، زراعت، صنعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن جي حوالي س??ن سوال پڇيا. وزيراعظم وفد جي ڪشمير، پاڪستان جي خطي ۾ پائيدار امن ۾ ڪردار ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي س??ن سوالن جا جواب ڏنا. وفد ح??وم?? ۽ پاڪستانين جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، مري?? اورنگزيب، خاص معاونين احد چيما، سيد فهد حسين، جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.