اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گذريل پوڻن چئن سالن دوران بجلي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعطل بابت انڪوائري ڪميشن جي رپور?? جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪ??دي چيو آهي ته ملڪ ۾ درآمدي ٻارڻ سان مهانگي بجلي بدران ماڻهن کي سولر جو ??تب??دل ڏنو ويندو، شمسي توانائي سان نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو بل گهٽ ٿيندو پر گهٽ لاڳت، ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سڄي ملڪ ۾ سولر قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته گذريل پوڻا چئن سالن دوران بجلي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعطل تي انڪوائري ڪميشن جي رپور?? جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ درآمدي ٻارڻ سان مهانگي بجلي بدران ماڻهن کي سولر جو ??تب??دل ڏنو ويندو. ٻه سال اڳ نااه?? نيازي حڪومت جي 2020ع ۾ ڏني ويندڙ ??تب??دل توانائي پاليسي نه رڳو ناڪام ٿي پر ان کانپوءِ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري به نه آئي. صارفين کي سولر سسٽم جي فراهمي دوران بلوچستان کي خصوصي ترجيح ڏني وڃي. سولرائيزيشن سان نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو بل گهٽ ٿيندو پر گهٽ لاڳت، ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي. اجلاس کي مهانگي درآمدي ٻارڻ جھي ??تب??دل ۾ گهٽ لاڳت سولر بجلي منصوبن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ 14000 ميگاواٽ جا سولرائيزيشن جا منصوبا جاري ڪ??دي جن ۾ 9000 ميگاواٽ جا منصوبا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا ويندا. منصوبن ۾ سولر سسٽم نه رڳو رعايتي قيمتن تي ڏنا ويندا پر ان تي ٽيڪس جي مد ۾ پڻ مراعتون ڏنيون وينديون. وزيراعظم ترجيحي بنيادن تي انهن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ جلد ٺوس منصوباب??دي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.