اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ساڻس تعزيت جو اظ??ار ڪيو. ايوا?? صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ 23 مئي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي وار??ن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ساڻن افسوس جو اظ??ار ڪيو. صدر سپ??هي رحيم گل ۽ سپ??هي ظهور جي وار??ن سان ٽليفون تي تعزيت جو اظ??ار ڪيو. صدر 19 مئي تي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد سنور جي وار??ن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر پاڪ فوج جي شهيدن کي وطن تي جان نڇاور ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.