اسلام آباد – 13 – ??ئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيا?? جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب صدر شيخ خليفه بن زيد النهيا?? جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان ۽ گڏيل عرب امارات جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي درج?? جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني قوم گڏيل عرب امارات جي ڏک ۾ براب?? جي شريڪ آهي. هن شيخ خليفه بن زيد النهيا?? جي مسلمان امت ۽ پاڪ – يو اي اي دوستي جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر چيو ته اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو.