اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 اپريل تي قومي اسيمبلي جي تحليل جي پيش نظر آئين جي آرٽيڪل 224 (1) اي تحت نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ موزون شخص تجويز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران احمد خان نيازي ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخا??ف ڌر اڳواڻ ميان محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ ٻنهي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تحليل ٿيڻ جي ٽن ڏينهن جي اندر وزيراعظم ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخا??ف ڌر اڳواڻ ??نهن شخص کي ??گران وزيراعظم بڻائڻ تي متفق نه ٿين ته ٻه، ٻه، نالا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي کي ??وڪلڻا پوندا جنهن جي جوڙجڪ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فوري طور تي ڪندو، اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا جيڪا عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي يا سينيٽ يا ٻنهي جي ميمبرن تي مشتمل هوندي. ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخا??ف ڌر کي ??ڪ جيتري نمائندگي حاصل هوندي. خط موجب آئين جي آرٽيڪل 244 (1) اي تحت ڪميٽي جي ميمبرن جي نامزدگي وزيراعظم ۽ مخا??ف ڌر اڳواڻ ??ندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته وزيراعظم عمران احمد خان نيازي آئين جي آرٽيڪل 224 (1) تحت نگران وزيراعظم جي مقرري تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل 224 (1) اي صدر کي ??زيراعظم ۽ مخا??ف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان نگران وزيراعظم جي مقرري جو اختيار ڏي ٿو.