اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) گيمبيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ميمدو تنگارا سميت مختلف ملڪن جا وفد اسلامي تعاون تنظيم ڪائونسل آف فارن منس??رز جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي ويا. مالديپ جي او آءِ سي جي مستقل ن??ائندو محمد خليل ??ه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهتو. ترڪي کان او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽر جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وفد اسلام آباد پهتو، ان کانسواءِ بنگلاديش جي او آءِ سي بابت مستقل ن??ائندي محمد جاويد پٽواري ??ه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويو. اسلام آباد پهچڻ تي پرڏيهي وزيرن جي اعليٰ ع??لد??رن معزز مهمانن جو پرجوش استقبال ڪيو.