اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ آفريقا جي آنجهاني اڳواڻ نيلسن ??نڊيلا جي ويجهي ساٿي نوبل انعام يافته آرچ ب??پ ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي تعزيتي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊسمنڊ ٽوٽو نسل پرستي جي خل??ف ۽ انساني حقن جي ل??ءِ جدوجهد ۾ هڪ قدآور شخصيت هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ آفريقا جي آزادي ۽ قومي مفاهمت ۾ سندس اهم ڪردار ايندڙ نسلن جي ل??ءِ مشعل راهه آهي.