ملتان – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي جي ڪامياب اجلاس جي انعقاد تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي ساراهيو پيو وڃي، پاڪستان اي??دڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائنسل جي 48 هي?? اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، گذريل حڪومتي دور ۾ پرڏيهي وزير جي مقرري نه ڪري پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ ملڪ جو وقار بلند ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه جي اهتمام هيٺ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪست??ن جي شروع کان خ??اه?? آهي ته خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ افغانستان ۾ ترقي ٿئي ڇو ته افغانستان ۾ خوشحالي اي??دي ته خطي ۾ به امن ٿيندو، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سڀ کان اهم مسئلو افغانست??ن جي 38 ملين عوام کي بک ۽ غربت کان بچائڻ آهي ۽ پاڪستان ان مسئلي تي اڳرائي ڪري ورتي ۽ افغانست??ن جي مسئلي تي دنيا کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته رب العزت وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو آهي ۽ آئون ان تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته آئون اي?? اي 156 جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن جو چونڊيل نمائندو سڄي دنيا ۾ پاڪست??ن جو ڀرپور ڪيس وڙهي رهيو آهي ۽ آئون اها خاطري ڪرايان ٿو ته پنهنجي ووٽرن ۽ قوم کي مايوس نه ڪندس، اسان سچي نيت سان ملڪي ترقي ۽ پاڪست??ن جو وقار بلند ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. معاشي سفارتڪاري تي به ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوامي امنگن موجب پرڏيهي پاليسي جوڙي آهي جنهن ۾ سڀني ملڪن سان برابري جي سطح تي رابطن کي قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هي?? اجلاس جي ميزباني لاءِ پرعزم آهي. ان کان پوءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه، ملڪ عثمان ڀٽه ۽ ٻ??ن ساٿ??ن سان گڏ او آءِ سي اجلاس جي پاڪستان ۾ ڪامياب انعقاد تي ڪيڪ ڪٽيو، ان کان اڳ هن ملتان ۾ مملڪتي وزير ملڪ عامر ڊوگر، بئريسٽر عثمان ڊوگر، ملڪ عدنان ڊوگر جي والده مرحومه جي رسم قل خواني ۾ شرڪت ڪئي.