اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شير شاهه پراچا چوڪ ڪراچي ۾ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي زيان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ??يمبر عالمگير خان جي والد ۽ ٻين فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان شير شاهه پراچا چوڪ ۾ ٿيندڙ ڌم??ڪن جي متاثرين جي خاندانن سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته کيس خاص طور تي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته انهن ??م??ڪن ۾ اسان جي قومي اسيمبلي ??يمبر عالمگير خان جو والد به فوت ٿي ويو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ عالمگير خان کي اهو صدم?? برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڏي.