اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته دنيا جو مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر صلاحيتن سان واڳيل آهي، ي??ني??رسٽيون ملڪ جو سائبر دفاع مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين، ملڪ ۾ آءِ ٽي شاگردن جو ??نگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يوينورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي بريفنگ د??ران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ي??ني??رسٽي گريجوئيٽس جو ??نگ وڌائڻو پوندو. ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته ي??ني??رسٽيون آن لائين تعليمي مواد جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ تحقيقي منصوبن ۾ عالمي ي??ني??رسٽين سان حصيداري قائم ڪن. پرو ريڪٽر نسٽ ايئر وائيس مارشل ڊ??ڪٽ?? رضوان رياض صدر کي ي??ني??رسٽي بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي کي بريفنگ د??ران ٻڌايو ويو ته نسٽ جي 8 ڪئمپسز ۾ 18 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم هيٺ آهن. نسٽ انجنيئرنگ، آءِ ٽي، بائيو ۽ سوشل سائنسز ۾ تعليم مهيا ڪري رهي آهي. صدر معياري تعليم جي فراهمي ۾ ي??ني??رسٽي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيو.