اسلام آباد – 23 R11; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان اڄ ڊيرا اسماعيل خان جو ??ورو ڪندو جتي هو آبادگار ڪارڊ ورهائيندو، وزيرا??ظم گومل زام ڊيم جي ڪمانڊ ايريا ۽ پي اي آر سي ايرڊ ريسرچ اسٽيشن جو ??ه افتتاح ڪندو. خميس ڏينهن وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم عمران خان اڄ خيبرپختونخوا جي آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهائيندو، پهرين مرحلي ۾ صوبي جي پنج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ ملڪ جي سڀني اي ٽي ايم مشينن تي ??ستعمال ڪيا ويندا، پهرين مرحلي ۾ آبادگارن جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ انهن کي سبسڊي (مشنيري ان پٽ وغيره) فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ٻي مرحلي ۾ آبادگارن کي بنا وياج جي/ وياج جي گهٽ شرح تي قرض فراهم ڪيا ويندا ۽ فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي، ان کانسواءِ انهن کي قدرتي ??فتن جي صورت ۾ مالي امداد به فراهم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ صوبي ۾ زراعت جي فروغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع دوران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي سبسڊي ڏني ويندي، ان کانسواءِ وزيرا??ظم گومل ايگري يونيورسٽي جي عمارت جو ??فتتاح ڪندو. وزيرا??ظم گومل زام ڊيم جي ڪمانڊ ايريا ۽ پي اي آر سي ايرڊ ريسرچ اسٽيشن جو ??ه افتتاح ڪندو.