اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي او??ين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۾ موجود غير ملڪي صحافين کي ڪڍڻ جي حوالي سان کنيل قدمن لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري ??واد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطلاعات واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير وزيراعظم کي افغانستان ۾ موجود صحافين جي نڪرڻ جي حوالي سان اطلاعات واري ??زارت جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. غير ملڪي صحافين جي پاڪستان آمد ۽ انهن کي ويزه سميت ٻين سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلاعات واري ??زير ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي پيش نظر صحافين جي سهولت لاءِ اطلاعات واري ??زارت ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي، وزيراعظم عالمي صحافي برادري جي سهولت خاطر اطلاعات واري ??زارت خاص طور تي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا جي حوالي سان ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غيرجانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي او??ين ترجيح آهي.