اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي زندگي جي معيار کي بلند ??رڻ سندس اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪٻاڙ گڏ ڪندڙ هڪ سائيڪل سوار ٻار جي تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن جي سائيڪل تي قو??ي جهنڊو ڦڙڪي ر??يو آهي. وزيراعظم چي?? ته انشاءَ الله هي اهي پاڪستاني آهن جن جي زندگي جو معيار بلند ??رڻ سندس اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چي?? ته اهڙي طرح جي پاڪستانين کي هيستائين اسان جي ر??است نظرانداز ڪيو آهي.