اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پي ڊي ايم ڪرپٽ پارٽي الائنس آهي، بي پناهه ڪرپشن ذريعي ملڪ کي اونداهين ۾ ڌڪيو ويو، قوم نواز شريف کان ڪرپ??ن جو حساب گه??ي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ڇانگا مانگا جي سياست دفن ڪري ڇڏي، هاڻي شفافيت جو راڄ هوندو. (ن) ليگي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي خاص معا??ن چيو ته پي ڊي ايم ڪرپٽ پارٽي الائنس آهي، 2008ع کان 2018ع تائين ڪرپ??ن جو سنهري دور هو، بي پناهه ڪرپ??ن جي ذريعي ملڪ کي اونداهين ۾ ڌڪيو ويو. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته موٽرويز جو راڳ آلاپيندڙ نااهلن ان کي گروي رکي قرض ور??و، قوم نواز شريف کان ڪرپ??ن جو حساب گه??ي رهي آهي.