اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ملاقات ڪئي. ??طل??عات واري وفاقي وزير ظهور احمد آغا کي بلوچستان جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته بلوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت ج?? اولين ترجيح آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڪنهن بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. پي ٽي آءِ جي حڪومت بلوچستا?? کي سڀني کان وڏو ترقياتي پيڪيج ڏنو. هن چيو ته ??زيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل بلوچستان پيڪيج سان خطي جي 70 سالن جي محرومين جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو بلوچستا?? کي ٿيندو، بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبا حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندا، انهن منصوب?? کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته بلوچستا?? کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آندو ويندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ ترقي لاءِ امن ضروري آهي، اميد آهي ته بلوچستان جو گورنر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي بلوچستان جي گورنر چيو ته ??فاقي حڪومت پاران بلوچستان جي محرومي?? کي ختم ڪرڻ جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته ??و وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ بهتر رابطن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر رابطن جو فائدو بلوچستان جي عوام کي ٿيندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ ??طل??عات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.