اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مولانا فضل الرحم??ن جي بيان ”اسان 24 ڪلاڪ به جنگ وڙهڻ جي قابل نه آهيون“ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بزرگ مولانا صاحب نوجوان بلاول ڀٽو پ??را?? ”عزت افزائي“ جو صدمو برداشت نه ٿو ڪري سگهي ان لاءِ هاڻي انهن مع??مل?? تي ڳال??ائ?? رهيو آهي جن جي کيس خبر ئي نه آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فضل الرحمان غيرذميواراڻي بيانن کان پاسو ڪري، مولانا کي پاڪست??ن جي صلاحيتن تي ان وقت به شڪ هو جڏهن هو چوندو هو ته طالب??ن جبلن تي پهچي چڪا آهن.