ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اس??ن جي ملڪ جي اڌ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، پاڪست??ن جي ترقي ۽ هڪ مثالي رياست جي قيام لاءِ عورتن کي سندن جائز حق ڏيڻا پوندا، عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ هڪ اسلامي ۽ مثالي رياست جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿو ٿي سگهي، معاشري کي عورتن لاءِ مح??وظ بنائڻو آهي، اس??ن جي ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ عورتن کي وراثت جي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي جيڪا سراسر نا انصافي آهي ۽ اسلام جي روح جي برخلاف آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار بنائڻ لاءِ گهڻيون سٺيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن، عورتن کي انهن سهولتن کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. انهن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ آل پاڪستان ويمنز اي??وسيئيشن جي انتظام هيٺ ”پاڪستان ۾ صنفي برابري جي صورتحال“ جي موضوع تي منعقد سيمينار ک?? خاص مهم??ن جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته پاڪستاني عورتن هميشه مردن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ آل پاڪستان ويمنز اي??وسيئيشن جو قيام به تحريڪ پاڪست??ن جي سرگرم عورت اڳواڻ بيگم رعنا لياق عل?? خان عمل ۾ آندي. ابتدائي طور تي ان مقصد جو ورهاڱي بعد مهاجرن جي ٻحران کي منهن ڏيڻ هو. اپوا جي تاريخ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته پاڪستاني عورتون ڪنهن کان گهٽ نه آهن ۽ جڏهن به پاڪستان کي ضرورت پئي آهي اس??ن جي عورتن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. اپوا عورتن جي حقن ۽ قانونن جي بهتري لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي وڏي تعداد کي وراثت ۾ حصو نه ملندو آهي. هن چيو ته اهو افسوس جو مقام آهي ته اسلام ۾ عورتن جي وراثت جي حوالي سان تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، عورتن کي وراثت ملڻ گهرجي پر اس??ن جي ملڪ جي ملڪ جي ڪن علائقن ۾ عورتن کي وراثت جي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي ۽ اسلام جي روح جي برخلاف آهي. خاتون اول چيو ته معاشري کي عورتن لاءِ مح??وظ بنائڻ گهڻو ضروري آهي. گهر ۽ گهر کان ٻاهر عورتن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي ، اسان کي مح??وظ ماحول فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪرڻو آهي، حڪومت ان تي ڪم ڪري رهي آهي. اسين عورت دوست معاشري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. عورتن جي ڀلائي ۾ ڪٽنب جي ڀلائي آهي ۽ ڪٽنب جي ڀلائي ۾ معاشري جي اصلاح آهي. هن چيو ته اس??ن جي معاشري ۾ بريسٽ ڪينسر جي عدم آگاهي سبب فوتگين جي شرح تمام گهڻي آهي. آگاهي لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر ان تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.