اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي ڪري غريب ماڻهن تي ??وندڙ بار جو مڪمل احساس آهي، عوام تي ??هانگائي جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي سبسڊي جو شفاف ۽ موثر استعمال موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پنهنجي صد??رت ۾ معاشري جي مستحق ۽ غريب ماڻهن کي خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي خريداري ۾ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ??زيراعظم کي تجويز ڪيل احساس فوڊ اسٽيمپ پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ڄاڻايل پروگرام جي مقصدن ۽ طريقيڪار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ان پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي ضروري شين جي خريداري ۽ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي سان مستحقين تائين حڪومتي امداد سڌي سنئين، شفاف طريقي ۽ فوري طور تي ??يسر ايندي، ان پروگرام جو مقصد اڻ سڌي سبسڊي جي نظام کان سڌي سنئين مالي مدد جو طريقيڪار اختيار ڪرڻ آهي، وزيراعظم کي پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن ۽ ماڻهن جي انگن اک??ن ۽ شروعاتي ڪاٿو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم تجويز ڪيل پروگرام کي ساراهيندي چيو ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي باوجود غريب ماڻهن تي ??وندڙ بار جو مڪمل احساس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته غريب عوام تي ??هانگائي جو بار گهٽ ڪيو وڃي، غريب عوام کي ريليف پهچائڻ اسان جي ذم??داري آهي، اسان کي پنهنجي ذم??داري جو مڪمل احساس آهي ۽ اسان ان کي پورو ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.