اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان وڻڪاري کي پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو ماحول??ات?? تبديلي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪر پڙيان اسلام آباد ۾ جاپاني طرز تي وڻڪاري جي منصوبي جو افتتاح ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڻڪاري رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو پاڪستان جي ايندڙ نسل?? کي بهتر مستقبل ۽ صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اڻٽر قدم آهي. مياواڪي جاپاني طرز وڻڪاري آهي، جنهن تحت روايتي طريقن بدران 10 ڀيرا و??يڪ تيزي سان ۽ 30 ڀيرا و??يڪ گهاٽا ٻيلا پوکي سگهجن ٿا، 10 ارب وڻ پوکڻ جي منصوبي تحت اسلام آباد ۾ اهڙي طرح جي 10 جاين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي جاپاني طرز تي وڻڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحول??ات?? تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، اسا?? کي ماحول??ات?? چئلينج?? کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته لاهور ۽ پشاور جهڙا ميٽرو پوليٽن شهر ڪڏهن باغيچن جا شهر سڏرائيندا هئا پر آبادين ۽ آلودگي وڌڻ جي ڪري اهي شهر ساوڪ کان محروم ٿي ويا. هن چيو ته هوا ۾ آلودگي جي ڪري ٻار ۽ وڏا و??يڪ متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سراسري عمر 11 سالن تائين گهٽ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اها صورتحال ان لاءِ پيدا ٿي ته لاهور جهڙي شهر ۾ وڻ وڍي شهر کي پٿرن جو جهنگ بڻايو ويو، ان صورتحال کي وڻڪاري ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسا?? کي ماحول دوست زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، وڻڪاري ۽ ماڻهن جا ذهن تبديل ڪري اسان پنهنجي معاشري کي بهتر بڻائي سگهون ٿا، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ارب وڻ پوکڻ جو منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ هاڻي اسان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ پوکڻ جو به هدف حاصل ڪنداسين. وزيراعظم موسم??ات?? تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم جي ڪم کي ساراهيو ۽ چيو ته اهي ملڪ ۾ وڻڪاري جي منصوب?? کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪري رهيا آهن.