اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز هرنائي بلوچستان ۾ ايف س?? چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جي حوصلي کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪ??يون ٿا جن پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا.