اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ?? چين جي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ?? چيني صدر شي چن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ ?? چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ جي ترقي کي بلند معيار تي فروغ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل خطن جي مٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پنهنجي پنهنجي حڪومتن ۽ عوام پاران هڪٻئي کي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي چيني هم منصب جي نالي خط ۾ چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪستان ?? چين دوستي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃ?? ۽ ??ڏيل مستقبل جي حامل ويجهي پاڪ چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيني صدر جي سٺي صحت ?? چين جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف چين جي صدر شي چن پنگ پنهنجي خط ۾ چيو ته چين ۽ پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين بنيادي مفاد ۽ وڏي اهميت رکندڙ معاملن تي هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي 70 سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جو سڀ کان قيمتي اثاثو بڻ??ي چڪي آهي.