اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ?? رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين تي عالمي سطح تي آواز اٿارڻ جي لاءِ هو دنيا جي سمورن ملڪن جي 36 هزار پارليامينٽ ميمبرن ?? چونڊيل نمائندن کي خط لکندو جن ج?? ذريعي هو عالمي برادر?? جي چونڊيل نمائندن جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري بدترين رياستي دهشتگردي طرف ڇڪرائيندو. سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار تحريڪ ڪشمير برطانيا جي صدر راجا فهيم ڪياني سان ملاقات دوران ڪيو.