اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناجائز منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف بنا فرق سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهڙا عنصر غريب دشمن آهن جيڪي ڪنهن به رعايت جا م??تحق ناهن، ضروري شين جي مناسب قيمت تي فراهمي ۽ وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن کنڊ جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ??ندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر ع??دالحفيظ شيخ، ص??عت وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار ع??دالرزاق دائود، ڊاڪٽر ع??رت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس کي پنجاب صوبي ۾ ڪمند جي فصل، ڪرشنگ ۽ کنڊ جي موجوده اسٽاڪ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.