چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته مخالف ڌر جهڙي طرح فوج کي نشانو بڻائي رهي آهي، تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، اها ئي زبان استعمال ڪئي پئي وڃي جيڪا ڀارت پاڪستان ۽ فوج جي خلاف استعمال ڪري ٿو، پهريون ڀيرو مخالف ڌر فوج، آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف کي هدف بڻائي رهي آهي، ڳالهيون جمهوريت جون ڪن ٿا ۽ فوج کي اقتدار تي قبضو ڪر?? جي لاءِ چئي رهيا آهن، جن جي ڪرپشن تي پوري دنيا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ڇپيا ۽ ڊا??يومينٽريون ٺهيون، اڄ اهي پنهنجي چوري جو پئسو بچائ?? جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، انهن کي اين آر او ڏنو ته ملڪ سان ان کان وڏي غداري نه ٿيندي. يونيورسٽي آف چڪوال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ??ه مون کي خوشي آهي ته اڄ آئون چ??وال ۾ اهڙا منصوبا کڻي آيو ??هيان جن سان معاشرو تبديل ٿيندو آهي.