اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم واري و??ارت، منشيات جي خاتمي و??ري فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زورڏيندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن تعليمي ادارن ۾ خصوصي شاگردن جي ڀلائي ۽ سهولت لاءِ قدم کڻي، خصوصي شاگردن کي ٽيوشن فيس ۾ ڇوٽ، تعليمي ادارن ۾ آمدرفت جي خصوصي سهولت ۽ عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي ??ڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي شاگردن جي ڀلائي و??ري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم وارو وفاقي و??ير شفقت محمود، منشيات جي خاتمي و??رو وزير محمد اعظم خان سواتي، انساني حقن واري و??ير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ايڇ اي سي جو چيئرمين ۽ مختلف وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.