اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئون ??اڪستان پراجيڪٽ تحت ڪراچي ۽ ٻيو لاهور ۾ ٻه وڏا شهر ٺاهي رهيا آهيون، ڪراچي جي ٻيٽن جي حوالي سان سنڌ اين او سي جاري ڪئي ۽ پوءِ واپس وٺي ڇڏي، راوي سٽي ۽ ڪراچي جي ٻيٽن جا منصوبا گيم چينجر ثابت ٿيندا، ڀنڊار ٻيٽ جو فائدو سنڌ جي عوام کي ٿيندو ۽ ان سان 40 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ملڪ ۾ ايندي، ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڀنڊار ٻيٽن ۾ سيڙپڪاري ڪندا، نواز شريف کي واپس آڻڻ ??اء?? پاڻ کي لنڊن وڃڻو پيو ته ويندس، مخالف ڌر جي سڄي ڪوشش اين آر او وٺڻ ??اء?? آهي جي??و آئون ڪڏهن به نه ڏيندس، اهي ماڻهو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندا آهن، مخالف ڌر 30 سالن کان پئسو چوري ڪري رهي آهي، ڪرپشن ۽ مهانگائي جي خاتمي ??اء?? ڪوش??ون ڪيون ??يون ??ڃن، اسرائيل کي پاڪستان جي بهادر فوج کان ڊپ آهي، ڀارتي ميڊيا پاڪستان جي خلاف بي بنياد پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ۽ نواز شريف کي هيرو بڻائي پيش ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي کي خصوصي انٽرويو دوران ڪيو.