اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يوم ??اشور جي موقعي تي قوم ??ي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته يوم ??اشوره جو ڏينهن ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لاءِ پيش ڪئي، حضرت امام حسين رض?? جي عظيم قربانين مان اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن رسول ص?? جي ڏوهٽي جي جدوجهد جي انهن رخن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رستي جو تعين ڪيو وڃي ته معاشري کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اهم ترين سبق ڏي ٿو ۽ معاشري ۽ رياست جا معاملا ڪجهه ماڻهن يا ڪنهن گروه?? جي خواهشن جي تابع نٿا ڪري سگهجن ڇو ته انهن معاملن جو سڌو سنئون تعلق شرفِ انساني، آزادي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي عظيم مقصدن ۾ آهي جنهن کي مذهب اسلام جي رهنما اصولن تحت مشاورت ۽ اجتماعيت جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.