اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪ??دگ?? عوام جي سامهون پيش ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي، عمران خان جي جدوجهد خاص مقصد جي لاءِ هئي، مفاد پرستي ۽ ڪرپشن جي سياست آخري ساهه کڻي رهي آهي، عوام کي رليف ڏيڻ سڀني کان اهم حڪومتي ترجيح آهي، ٺوس قدمن سان مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿيا ويا آهن، پاڪستان کي ترقي ڏيڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان نئين نسل جي مستقبل جو امين ??هي، ميڊيا تي نه ڪا پابندي آهي ۽ نه ئي بندش لڳائڻ جي ڪا خواهش، معاشي حالتن جي بهتري جا ثمر ميڊيا کي به منتقل ٿيندا، روانگي واپار ۾ اضافي سان موقعا به وڌاندا، گذريل حڪومت مصنوعي طريقي سان ڊالر جي قيمت کي ڪنٽرول ڪيو۽ ان مد ۾ 6 ارب ڊالر خرچ ڪيا. خميس ڏينهن هتي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، واپار واري وزير، واپار واري وزير عبدالرزاق دائود، موسمياتي تبدلي واري صلاحڪار ملڪ امين ??سلم، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين ??هريار آفريدي، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين ??ان گڏ حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪ??دگ?? جي حوالي سان ٽئين ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جا ٿورائتا آهيون جنهن عزم سان اسان جي ٻه سالا ڪارڪ??دگ?? کي ٻڌو ۽ وفاقي وزيرن طرفان پيش ڪيل ڪارڪ??دگ?? کي ڪوريج فراهم ڪئي، هن چيو ته اسان جي ڪوشش رهي آهي ته سمورا ڪابينا جا ميمبر هتي پيش ٿين ۽ پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل وزارت جي ڪارڪ??دگ?? کان آگاهه ڪن، ڊگهي ويهڪ سبب صحافين ???? سوال به ورتا ويا پر انهن ۾ ڪجهه ڇڪ رهي جنهن جي لاءِ هڪ ميڪنزم ۽ ٽائيم شيڊول جاري ڪنداسين ??ه جيئن لاڳاپيل وزارتن جي بيٽ رپورٽرز پنهنجي لاڳاپيل وزيرن کان جواب طلب ڪري سگهن.