اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ??لڪ ۾ چونڊ نظام جي جينڊر شموليت لا??ِ هڪ جامع فريم ورڪ جو اعلان ڪيو آهي. جينڊر ۾ اسٽريمنگ اينڊ سوشل انڪلوزن فريم ورڪ (جي ايم ايس آءِ ايف) 2024ع کان 2028ع ت??ئي?? عمل جوڳو هوندو. اڱاري ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان ??وجب اليڪيشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد خان ان ??وقعي تي چيو ته هي فريم ورڪ ايشيا پيسفڪ خطي ?? پنهنجي نوعيت جو پهريون من??وب?? آهي جيڪو چونڊ عمل ۾ مڪمل جينڊر ۽ سماجي شموليت تي ٻڌل آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جينڊر ونگ نگهت صديق وضاحت ڪئي ته ان ??ن??وب?? جو بنيادي مقصد عورتن، اقليتن، معذور ماڻهن ۽ کدڙن فقيرن لا??ِ چونڊ عمل کي وڌ کان ??ڌ شموليتي ۽ پهچ ت??ئي?? بڻائڻ آهي. ان ??ريم ورڪ ۾ چونڊ قانونن، پاليسين، طرز عمل جي جائزي ۽ ترميمن وارا قدم شامل آهن. ان ??اءِ اڪيڊيميا، پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن جي عملي ۽ عورتن جي سياسي حقن بابت تنظيمن سان ??سيع پيماني تي صلاح ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۾ ڪل ووٽرن ۾ عورتن جو انگ 46 سيڪڙو آهي. اليڪشن ڪميشن جو مقصد پنهنجي انتظامي ڍانچي ۾ جينڊر ۽ سماجي شموليت جي اصولن کي مضبوط ڪرڻ آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف اي ايس شبير احمد ان اهم قدمن تي اليڪشن ڪميشن کي مبارڪون پيش ڪيون.