اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه احتجاج دوران گرفتارين، سيڪيورٽي اه??ڪارن جي ??خمي ٿيڻ ۽ نقصانن جي ??والي سان تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٽنهي ڏينهن ۾ پوليس 56 افغانين سميت 954 شرپسندن کي گرفتار، 200 کان وڌيڪ گاڏين، مظاهرو ڪندڙن جي ا??تعمال هيٺ 39 هٿيار قبضي ۾ ورتا، شرپسند عنصرن 67 سيف سٽي ڪئميرائن کي نقصان پهچايو جنهن جو ڪاٿو اٽڪل 38 ملين روپيا آهي، مختلف ڪئميرائن جي مدد سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيل 3 هزار گاڏين ۽ ان ۾ موجود ماڻهن ۽ هٿيارن بابت تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ طرفان اسلام آباد ۾ احتجاج نه پر دهشتگردي ڪئي وئي آهي جنهن تي 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، انهن ۾ احتجاج ڪرڻ، ڪرائيندڙن ۽ سهولتڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، احتجاج دوران 71 سيڪيورٽي اه??ڪار زخمي ٿيا جن مان 27 کي گوليون لڳيون آهن، 3 رينجرز اه??ڪارن سميت 4 سيڪيورٽي اه??ڪار شهيد ٿيا آهن. آءِ جي ا??لام آباد پوليس سيد علي ناصر علي رضوي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته دهشتگرد احتجاج ۾ هٿيار استعمال ڪري رهيا هئا، احتجاج ڪندڙن وٽ هٿيار، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل موجود هئا، اسلام آباد پوليس پنجاب پوليس، رينجرز ۽ ٻين ادارن جي مدد سان 954 شرپسندن کي گرفتار ڪري 200 کان وڌيڪ گاڏين کي به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. آءِ جي ا??لام آباد ٻڌايو ??ه احتجاج جي ??هاني شرپسندي ڪندڙ عنصرن کان 39 هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن،آءِ جي ا??لام آباد ٻڌايو ته صوبائي حڪومت طرفان ڳوڙها آڻيندڙ گئس کي ا??لام آباد ۾ استعمال ڪيو ويو ۽ سرڪاري وسيلن مان وڏا پکا تيار ڪري انهن کي ا??تعمال ڪيو ويو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس کي پوليس طرف ڌڪيو ويو. هن ٻڌايو ته گڏيل ڪارروائي ڪندي 954 شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويو، صرف 26 نومبر واري ڏينهن 600 کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ 200 کان وڌيڪ گاڏين کي پڪڙيو ويو، هٿيار به پڪڙيا ويا جنهن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا ڳرا هٿيار موجود هئا. آءِ جي ٻڌايو ته شرپسندن جي فائرنگ، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي ??يلنگ ۽ ربڙ بلٽ سان سيڪيورٽي فورسز جا 71 اه??ڪار زخمي ٿيا، 52 رڳو ڪالهه زخمي ٿيا، 27 اه??ڪار اهڙا هئا جيڪي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيا. هن چيو ته ڪجهه هزار ماڻهو اچن ۽ رياست جي ??ٽ کي چئلينج ڪن اه?? نٿو ٿي سگهي، ڪالهه رات ٿيل آپريشن ۾ اسان ڳوڙها آڻيندڙ گئس ذريعي علائقو ڪليئر ڪرايو. 3000 کان وڌيڪ گاڏين جا فوٽو سامهون اچي ويا آهن جن کي ا??تعمال ڪيو ويو، سرچ آپريشن اڃان به جاري آهي.ڪئميرائن جي مدد سان گهرن ۽ هاسٽلن کي به چيڪ ڪيو پيو وڃي.مظاهرين ۾ پرڏيهي شهرين جو هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي.آءِ جي ا??لام آباد واضح پيغام ڏنو ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، هاڻي ا??لام آباد ۾ بنا اين او سي جي ڪنهن کي به جلسو ڪرڻ جي ا??ازت نه هوندي. ان موقعي تي چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا چيو ??ه احتجاج ۽ دهشتگردي ۾ فرق آهي، احتجاج جي ??ڙ ۾ ڪنهن به قسم جي ??هشتگرداڻي ڪارروائي کي برداشت نه ڪيو ويندو. اين او سي کانسواءِ ڪنهن به افغان شهري کي ا??لام آباد ۾ رهڻ جي ا??ازت نٿا ڏئي سگهون، شرپسندن کان اسلام آباد خالي ڪرايو ويو آهي ۽ سموريون سرگرميون معمول موجب بحال ٿي ويون آهن. هن چيو ته گهرو وزارت جي هدايتن موجب اسلام آباد ۾ رهندڙ سمورن افغانين جي ٻيهر ڇنڊڇاڻ ڪنداسين ۽ بنا اين او سي جي ??هندڙ سمورن پرڏيهين کي ا??لام آباد مان بي دخل ڪيو ويندو. چيف ڪمشنر چيو ??ه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ??ڪم تي انتظاميه احتجاجي مظاهرو ڪندڙن کي سنگجاڻي واري هنڌ تي جلسو ڪرڻ جي ??ڇ ڪئي تنهن هوندي به هو سموريون رڪاوٽون پار ڪري ۽ قانون هٿ ۾ کڻي شهر داخل ٿي ويا. هڪ سوال جي ??واب ۾ چيف ڪمشنر ٻڌايو ??ه اسلام آباد پوليس، رينجرز، پنجاب پوليس ۽ ٻين ادارن جي ??هترين حڪمت عملي تحت ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي مدد سان شرپسندن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.ا