اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف بنون ضلعي ۾ فتنه الخوا??ج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته فتنه الخوا??ج جي 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو ويو ۽ 2 کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو ويو. انسانيت جي انهن دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحرڪ آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.