باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊينمارڪ سان ??ڏيل حصيداري جي ذريعي اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته ڊينمارڪ جي وزيراعظم ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان ??ڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ ڪوپ 29 جي موقعي تي ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽ فريڊرڪسن سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ سياسي، واپاري، سيڙپڪاري، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي گرين ٽرانزيشن ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي فروغ سان ??ڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي اهم ترجيحن تي عالمي اتفاق راءِ پ??دا ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ڌرتي کي موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان بچائي سگهجي. هن سال پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم گڏيل حصيداري جي ذريعي اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊينمارڪ جي وزيراعظم ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان ??ڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.